درگاھ قائم الدين قلندر

درگاھ قائم الدين قلندر

قائم الدين قلندر

قائم الدين قلندر: مشھور بزرگ قائم الدين ولد مھر شاهه 1140هه/ 1728ع ڌاري بڪيرا شريف، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي الھيار ۾ پيدا ٿيو. سندس شجرو حضرت شيخ بھاءُ الدين ذڪريه ملتاني سان ملي ٿو. هُو جوانيءَ ۾ ملتان جي ان وقت جي سجاده نشين مخدوم محمد غوث جو مريد ٿيو، پر سندس فيض جي ڪماليت مخدوم عبدالحميد بوڇڙائي وٽان ٿي. جنھن کان پوءِ هو قلندراڻي نموني زندگي گذارڻ لڳو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي 30 سالن جي عمر ۾ قائم الدين قلندر سان مليو ۽ سندس چوڻ تي رمضان جو سڄو مھينو وٽس بڪيرا شريف ۾ رهيو. هن شاهه لطيف بابت اعليٰ روحاني منزل ماڻڻ جي اڳڪٿي پڻ ڪئي هئي. روايت آهي ته ٽالپرن پاران ڪلهوڙن کان حڪومت هٿ ڪرڻ بعد مير فتح علي خان ٽالپر اڪثر وٽس دعا لاءِ ويندو هو. ٻي روايت آهي ته جڏهن ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي اقتداري ويڙهه بعد قنڌاري لشڪر سنڌ ۾ ڦرلٽ پئي ڪئي، تڏهن مدد خان لشڪر وٺي بڪيرا ڏانھن ڪاهي ويو. اُن تي قائم الدين قلندر جي دعا سان طوفان آيو ۽ لشڪر رستو ڀلجي بڪيرا کان اڳتي نڪري اگهاماڻي پھچي ويو. قائم الدين قلندر جي مريدن مان مشھور شاعر شاهه عنايت الله رضوي نصرپوري، سيد مرتضيٰ رضوي نصرپوري، سيد مير محمد شاهه ’ميران‘ کوري وارو، سيد جمال شاهه ماڻڪ پور وارو، سيد احمد جيلاني، فقير شفيع محمد ميھون سھروردي، فقير رحمڏنو آريسر (واهي فقير)، فقير امين محمد ميھون ۽ ٻيا شامل آهن. قائم الدين قلندر 13 شعبان 1215هه/ 30 ڊسمبر 1800ع تي وفات ڪئي. کيس ڪو اولاد نه هو، جنھن ڪري سندس ڀائيٽيو پير امام بخش پالڪي وارو گادي نشين ٿيو. پير قائم الدين قلندر جي شان ۾ ڪيترن ئي شاعرن سنڌي توڙي فارسيءَ ۾ شعر چيا آهن. سندس مزار تي هر سال چوڏهين شعبان کان ٽن ڏينھن تائين ميلو پڻ لڳندو آهي.


لفظ قائم الدين قلندرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو